جَهپ تال

جَهپ تال: هي ڏهن ماترائن جو تال آهي جيڪو خيال، درپد ۽ هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ ۾ وڄندو آهي ۽ بلمپت توڙي درت ٻنهي ۾ ڪم ايندو آهي. هن جي ڇهين ۽ ستين ماترا خالي آهي. هن جو پهريون ٺيڪو، ڌن نڪ ڌن نڪ ڌن نڪ تن تن نڪ، ٻيو ٺيڪو، ڌا آ ڌگ نه تا آڌي تا آ ۽ ٽيون ٺيڪو ڌن نا ڌن ڌن نا ڪت تا ڌن ڌن آ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو